ملڪ ۾ هلندڙ سال منڪي پاڪس جا ٽي ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : ملڪ ۾ هلندڙ سال منڪي پاڪس ڪيسن جو انگ وڌي ٽي ٿي ويو آهي.
ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ ارشاد روغاني خيبرپختونخوا ۾ منڪي پاڪس جي ٽن ڪيسن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ منڪي پاڪس جا ٽي ڪنفرم ڪيس سامهون اچي چڪا آيا آهن جنهن مان هڪ ڪيس هلندڙ هفتي رپورٽ ٿيو آهي جڏهن ٻه ڪيس پهريان جا آهن.
ارشاد روغاني چيو ته چيو ته منڪي پاڪس جي مريضن لاءِ آئسوليشن وارڊ ٺاهيا پيا وڃن جڏهن ته هوائي اڏي سميت بين القوامي سرحدن تي هيلٿ جون ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن ۽ ڪوويڊ جي ٽيمن کي انهن جاين تي فعال ڪيو ويو آهي.
هن چيوته ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ سمورن شڪي مسافرن کي نشاندهي ڪئي پئي وڃي جنهن مان اِهو واضح ٿيو آهي ته اسان جو پنهنجو ڪو ڪيس ناهي، سمورا ڪيس نار وارن ملڪن کان آيل مسافرن ۾ رپورٽ ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته صحت جي عالمي اداري ايمرجنسي به ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اسان اڳواٽ ئي عوام ۽ طبي عملي لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري چڪا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔