نويد اڪرم چيما کي ٽيم مئنيجر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: نويد اڪرم چيما کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نويد اڪرم چيما آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري دوران ٽيم مئنيجر هو، ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ وهاب رياض سينيئر مئنيجر ۽ منصور رانا مئنيجر هو جڏهن ته وهاب رياض ۽ منصور رانا کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ خراب پرفارمنس سبب هٽايو ويو هو. ذريعن موجب پاڪستاني ٽيم انتظاميا جو اعلان هڪ ٻن ڏينهن ۾ متوقع آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔