آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد : آگسٽ مهيني لاءِ آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 2.97 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن جي قيمت ۾ 3.19 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سوئي ناردرن لاءِ آر ايل اين جي قيمت 0.4038 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌي وئي جڏهن ته سوئي سدرن جي قيمت 0.4206 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌي وئي. نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ آر ايل اين جي جي تقسيم قيمت 14.0065 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.سوئي سدرن لاءِ آر ايل اين جي ورهائڻ جي قيمت 13.5773 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔