آمريڪي سرڪار جي هڪ ٻي اهم وِک: پاڪستان ۾ عذائي کوٽ جي متاثر ٻارن لاءِ غذائي امداد يونيسيف حوالي ڪري ڌ

ڪراچي : آمريڪي سرڪار پاران پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ اهم اپاءَ وٺندي اهم قدم کنيو ويو آهي، ٻارن لاءِ 486 ميٽرڪ ٽن تيار ٿيل صحت بخش خوراڪ )ريڊي ٽو يوز ٿيريپيوٽڪ فوڊ( ٻارن بابت گڏيل

قومن جي اداري )يونيسيف( حوالي ڪري ڇڏي..


ڪراچي ۾ اُن حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران غذائي امداد يونيسيف حوالي ڪئي وئي. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جي مالي سهائتا سان هن امداد وسيلي سنڌ ۽ بلوچستان جي

ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ غذائي کوٽ کي منهن ڏيندڙ 29 هزار کان وڌيڪ ٻار فائدو وٺي سگهندا.


اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته “اڄ هن غذائي امداد جي فراهمي پاڪستاني عوام، عورتن ۽ ٻارن سوڌو پٺتي پيل طبقن سان آمريڪا جي پائيدار سهڪار توڙي ڳانڍاپي جو مظهر آهي.

انهي بحران کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻارن جو هڪ نسل بچائڻ لاءِ اسان کي تڪڙا اپاءَ وٺڻا پوندا.”آر ٽي يو ايف – بوهي مُڱ، کنڊ، سُڪل کير، تيل، وٽامنز ۽ ٻين قدرتي شين سان تيار ڪيل غذائيت سان ڀرپور خوراڪ آهي، جيڪا غذائي کوٽ سبب متاثر ٻارن جي علاج توڙي صحت لاءِ ضروري آهي. هي امداد پاڪستان ۾ غذائي کوٽ ۽ اُن جي ڊگهي مُدي

وارن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي ڪوششن جي ثابتي آهي.
آمريڪا پاران غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 2022ع کان هيل تائين 10 ڪروڙ ڊالرز امداد مهيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ڊالرز شديد غذائي کوٽ سبب متاثر ٻارن جي علاج ۽ ٻي طبي امداد لاءِ رکيا ويا.

اڄ مهيا ڪيل امداد وسيلي خطري کي منهن ڏيندڙ ٻارن کي بُنيادي ۽ صحت بخش غذا مهيا ڪئي ويندي، جيڪا کين تندرست ۽ تعميري زندگي گذارڻ توڙي واڌ ويجهه لاءِ گهربل هوندي آهي.
پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جي اپائن سان نه رڳو خوراڪ جون گهرجون ترت پوريون ٿينديون آهن، پر اُن جو مقصد غذائي تحفظ، صاف پاڻي تائين پهچ ۽ صحت جي سار سنڀال

جي خدمتن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، جنهن جو پائيدار ترقي لاءِ راهه هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هجي ٿو.
تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عبدالله اي فاضل سوڌو ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته غذائي کوٽ جهڙي اهم مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل گڏيل ڪوششن تي روشني وڌي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔