تحريڪ انصاف اڳواڻ رئوف حسن جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت رئوف حسن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عباس سپرا رئوف حسن جي ريمانڊ تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڪيل علي بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران سي ٽي ڊي رئوف حسن جي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

عدالت رئوف حسن طرفان ضمانت کان پوءِ گرفتاري تي 6 آگسٽ جي لاءِ نوٽيسز به جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن کي پيڪا ايڪٽ جي تحت داخل ڪيس ۾آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر هن جي آزادي عمل ۾ نه اچي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔