سنڌ ۾ بجلي ٺاهيندڙ ۽ ورهائيندڙ ڪمپني قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ بجلي ٺاهيندڙ ۽ ورهائيندڙ ڪمپني قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

 ڪراچي ۾ ماءِ ڪراچي نمائش 2024 جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اسان کي هاڻي ان جي منظوري ملي چڪي آهي

هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن پهرين ٽرانسميشن لائين وڇائي، سنڌ کي حصي جي گئس ۽ بجلي نه پئي ملي، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جون صنعتون گئس جي کوٽ کي منهن پيون ڏين.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ وٽ بجليءَ جي مسئلي جو حل موجود آهي، تمام جلد سنڌ ۾ بجلي ٺاهيندڙ ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهينداسين، ڪنهن دور ۾ ڪراچي کي دنيا جو ڇهون نمبر خطرناڪ شهر قرار ڏنو ويو هو.

وڏي وزير چيو ته اسان شهر جون رونقون ۽ امن بحال ڪيو، شهر ۾ اڃا به مسئلا آهن پر هار نه مڃينداسين، اسان دهشتگرديءَ کي شڪست ڏني آهي ۽ شهر مان ڏوهن جو به مڪمل خاتمو آڻينداسين.

هن چيو ته خبر آهي ته بجليءَ جو ٽيرف تمام گهڻو آهي، مون اهو به ٻڌو آهي ته صنعتون بند ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، خبر آهي ته هاڻوڪي وفاقي بجيٽ سان صنعتڪارن ۽ واپارين لاءِ ڪافي مسئلا پيدا ٿيا آهن، وفاقي حڪومت کي اپيل آهي ته واپارين ۽ صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔