چوماسي برساتون، موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي : موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي برساتن دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سئو ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ مِينهن پوڻ جو امڪان آهي.
موسيات کاتي موجب، ڪراچي ۾ مون سون سسٽم جا اثر اڄ کان نظر ايندا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي سسٽم سبب شهر ۾ ڪٿي هلڪي ڪٿي وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته شهر ۾ ڇنڇر واري ڏينهن به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، سومر کان اڱاري تيز برسات جو امڪان آهي، چار کان ست آگسٽ دوران شهر ۾ هڪ کان ٻه اسپيل تيز برسات جو سبب بڻبا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي اسپيل دوران شهر جي ڪجهه جاين تي 40 کان 60 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي ڪجهه علائقن ۾ سئو ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ مِينهن پوڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔