اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز گِل جي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ڊاڪٽر شهباز گل جي ڀاءُ کي 6 آگسٽ تائين بازياب ڪرائي کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شهباز گِل جي ڀاءُ غلام شبير جي بازيابيءَ جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، سرڪاري وڪيل عبدالرحمان عدالت کي ٻڌايو ته ادارن جي رپورٽس مطابق اغوا ڄاڻايل سندن حراست ۾ نه آهي

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو ته پهرين ماڻهو کڻڻ لاءِ ايس ايڇ او کي چيو ويندو هو، هاڻي پاڪستان جي حڪومت پاڻ پاليسي مطابق ائين ڪري ٿي، ادارا جڏهن اهو چون ته اسان کي خبر نه آهي ته اها سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال هوندي آهي.

هن چيو ته رياست چوي ٿي ته اسان کي خبر نه آهي ته همراهه ڪٿي آهي پر اسان ڪجهه ڪنداسين به نه، هاڻي جيڪڏهن اسان سخت آرڊر ڪنداسين ته ججز خلاف ڪارروائي شروع ٿي وڃي ٿي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سرڪاري وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته عبدالرحمان منهنجي چيمبر ۾ اچجو مان توهان کي پاڻ پنهنجي ڊگري ڏيکاريندس، منهنجي ڊگري اصلي آهي، توهان کي ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي، اڄ جيڪو مان آرڊر ڪندس اهو وزيراعظم جي آڏو رکيو وڃي.

آءِ جي کي چوڻ جو ته ڪو فائدو نه آهي، وزير به ڇا ٿا ڪري سگهن، هي ملڪ جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن، منهنجي اثاثن جا تفصيل گهرجن ته مان اهي به ڏئي ڇڏيندس، عدالت ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔