ڪيپيسٽي چارجز جو اهڙو حل ڪڍو جو ڪنهن کي نقصان نه پوي: صدر زرداري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاروباري ادارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيان،توانائي جي وڌندڙ قيمتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني لاءِ مفيد حل ڳولڻو پوندو، اسلام آباد ۾ صدر سان فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي،ان موقعي تي صدر چيو ته ڪيپيسٽي چارجز جي مسئلي جي حل لاءِ ڪاروباري برادري ڪميٽي جوڙي، ڪميٽي توانائي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ايوان صدر سان گڏجي ڪم ڪري، ان موقعي تي اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز چيو ته توانائي جي وڌندڙ قيمتن سان عوام،صنعتن،زراعت ۽ برآمد تي بار پئجي رهيو آهي، توانائي شعبي ۾ سڌارا ضروري آهن،صدر مملڪت سان درخواست آهي ته توانائي جي قيمتن جي معاملي ۾ مداخلت ڪري. صدر چيو ته هڪ اتفاق راءِ وارو حل تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به اسٽيڪ هولڊرز کي نقصان نه پهچي. ڪاروباري برادري کي گهرجي ته ڪئپيسيٽي چارجز جي مسئلي جي قابل عمل حل لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو محسوس ڪندي ته ڪاروباري شعبو مهانگي ڪچي مال، توانائي ۽ ٻارڻ جي ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪميٽي کي گهرجي ته توانائي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ صدر جي آفيس سان گڏجي ڪم ڪري. صدر جو دفتر بزنس ڪميونٽي ڪميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔