شاهه رخ خان طرفان بڪواس قرار ڏنل فلم ڪاميابي جا نوان رڪارڊ جوڙي ڇڏيا

ممبئي :بالي ووڊ جي نامياري هدايتڪار نکل آڏواڻي انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار شاهه رخ خان کي پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم ” ڪل هو نا هو “ جي ڪهاڻي کي بڪواس قرار ڏئي ڇڏيو هو.
فلمساز نکل آڏواڻي ڪل هو نه هو ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو، فلم جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ شاهه رخ خان، سيف علي خان ۽ پريٽي زنٽا شامل هئا.
هڪ انٽرويوءَ دوران ڊائريڪٽر نکل آڏواڻي ٻڌايو ته جڏهن فلم ڪل هو نه هو جي تياريون هلي رهيون هيون تڏهن شاهه رخ خان سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون.
نکل آڏواڻي موجب، شاهه رخ خان جو چوڻ هوته فلم ڪل هو نه هو بڪواس آهي ۽ کيس ديوداس جهڙي فلم ٺاهڻ گهرجي.
ياد رهي ته فلم ڪل هو نه هو 2003ع ۾ رليز ٿي هئي ۽ باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ فلم جي گيت ” هر گهڙي بدل رهي هي روپ زندگي“ مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔