پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. اوگرا طرفان هينئر تائين جي ڪارڪردگي موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه 50 پئسا في ليٽر تائين گهٽ ٿي سگهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 9 روپيه 11 پئسا في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.

پيٽروليم ڊويزن واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ لاٿ عالمي سطح تي ٻارڻ جو تيل سستو ٿيڻ سان ٿيندي، پيٽروليم شين جي قيمتن بابت ورڪنگ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي سمري اوگرا حڪومت ڏانهن اماڻيندي. ناڻي وارو وزير وزيراعظم جي هدايت تي 31 جولاءِ تي پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔