نجڪاري ڪميشن بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون خانگائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : نجڪاري ڪميشن بورڊ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ( ڊسڪوز ) جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ ۾ ڊسڪوز جي خانگائڻ جي منظوري سان گڏوگڏ مالياتي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نجڪاري جي حوالي سان 2025ع تائين قانوني مرحلا مڪمل ڪيا ويندا، پهرئين مرحلي ۾ ٽن ڊسڪوز جي نڪاري ٿيندي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري پرائيوٽائزيشن لاءِ نجي شعبي جي سنجيدگي جو اظهار هوندو.
هن چيو ته ادارن جي شفاف ۽ جلد کان جلد نجڪاري کي يقيني بڻايو وڃي، ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ بحالي لاءِ نجڪاري وارو عمل گهڻي اهميت رکندڙ آهي.
وفاقي وزير چيو ته نجي شعبي کي منتقل ٿيندڙ ادارن کي منافعي بخش بڻائڻ جا مضبوط امڪان آهن، نجڪاري جا سمورا ٽارگيٽ وقت سر حاصل ڪريو، حتمي منظوري سي سي او پي ڏيندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔