ڪراچي ۾ گرمي گهٽجڻ ۽ سامونڊي هوائن جي بحالي بابت اهم اَپ ڊيٽ اچي وئي

ڪراچي : ڪراچي ۾ ٻُٽ برقرار آهي ۽ سامونڊي هوائون بند آهن جڏهن ته شهر جو موسم گرم ۽ گهميل آهي.
موسمياتي تجزيي نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته شهر ۾ گرمي پد جي شدت 46 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪئي پئي وڃي، منجهند جي وقت ۾ ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
جواد ميمڻ موجب، اڄ شهر ۾ ڪٿي هلڪي ڪٿي وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته شام کان سامونڊي هوائن بحال ٿيڻ شروع ٿينديون.
موسمياتي تجزيي نگار موجب، سڀاڻي کان موسم ۾ ڪجهه بهتري جو امڪان آهي، 24 جولاءِ کان شهر ۾ وري ٻُٽ ۽ گهميل موسم جو امڪان آهي، بنگالي نار ۾ ٺهندڙ هڪ ٻيو اسپيل 24 کان 28 جولاءِ تي سنڌ تي اثرانداز ٿيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن اِهو سسٽم گجرات ۾ آيو ته ڪراچي ۾ برسات جو امڪان رهندو، ان دوران سامونڊي هوائون هڪ ڀيرو ٻيهر متاثر ٿي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔