ڪراچي: سخت گرمي دوران بجلي نه هجڻ سبب عمارت ۾ رهندڙ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن: درخواستگذار جو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪوٽ ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ٻڌڻي جي دوران درخواستگذار انڪشاف ڪيو ته سخت گرمي دوران بجلي نه هجڻ سبب هڪ عمارت جا 3 رهواسي فوت ٿي چڪا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي جي رهواسي عمارت  ۾ رهندڙن جي لوڊشيڊنگ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي جي دوران درخواستگذار انڪشاف ڪيو ته سخت گرمي ۾ بجلي نه هجڻ سبب عمارت جا 3 رهواسي فوت ٿي چڪا آهن

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته وقت تي بلز ادا ڪندا آهيون پر ان باوجود به بجلي جي 12-12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ درخواست تي پنهنجي جواب ۾ چيو ته عمارت جي رهواسين جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي. سپريم ڪورٽ سڌو سنئون عدالت سان رابطو ڪرڻ جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته جنهن فيڊر تي نقصان ٿيندو انهي تي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.

جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو جواب سمجهه کان ٻاهر آهي ان جي ڪابه اهميت نه آهي. درخواستگذارن اڳ ئي نيپرا ۾ شڪايت داخل ڪري رکي آهي. نيپرا علائقي جي رهواسين جي شڪايت تي اڃان تائين ڪوبه فيصلو نه ڏنو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ موجب فيڊر نو لاسز ۾ اچي ٿو. جڏهن فيڊر نولاسز ۾ آهي ته پوءِ علائقي ۾ لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ئي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، نيپرا ڪابه ڪارروائي نه پيو ڪري.

عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي جواب تي درخواستگذار جي وڪيل کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ نيپرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔