ملڪ ۾ گرمي جي شدت برقرار، مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي

اسلام آباد:  ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي. موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي، پر ان باوجود ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب گرمي جي شدت گهٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته صوبي جي ميداني علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

اڄ صبح پشاور ۾ گرمي پد 31 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊيرا اسماعيل خان، باجوڙ، دورش، چترال ۽ پتن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. موسميات کاتي چارسده، مردان، نوشهره، صوابي، لنڊي ڪوتل، خيبر، مالاڪنڊ ۽ پشاور ۾ برسات جڏهن ته مٿانهين ضلعن ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔