وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ انارڪي ۽ تفرقي واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ست خون معاف جي نالي سان هڪ فلمي ٽريلر هلايو پيو وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته اسان ان ٽچ ايبل آهيون، بس هاڻ گهڻو ٿي ويو.

عطاءُالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني بدترين اڳواڻ آهي انهي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيلن ۾ وجهڻ جي روايت وڌي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ چيو ته اسان ميثاق معيشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جي دانشمندي کي ڪمزوري سمجهيو ويو. هن ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو. اسان وٽ تمام گهڻا ثبوت  موجود آهن. پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي جي لاءِ ڪيس داخل ڪندي

عطا تارڙ ٻڌايو ته حڪومت سخت ترين ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلايو ويندو. ٽنهي ڄڻن جي خلاف وفاقي ڪابينه سان منظوري کان پوءِ ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو. هنن جا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا. پارليامينٽ مان قرارداد منظور ڪئي ويندي. آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهندي  هنن جي خلاف ڪارروائي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جي لاءِ سبب موجود آهي، هنن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. تحريڪ عدم اعتماد جي هوندي غير آئيني طور تي اسيمبلين کي ٽوڙيو ويو، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمن ايجنڊا جو حصو هو، ملڪ کي اڳيان وٺي وڃڻو آهي ته شرپسند عناصر تي پابندي لڳائڻي پوندي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ گڏجي نٿا هلي سگهن اهو واضح آهي. اوهان ڀڃ ڊاهه ۽ باهين کان اڳ طالبان کي واپس آڻي چڪا هو هڪ طرف اوهان دهشتگردن کي هتي آڻي پناهه ڏئي رهيا هئا ته ٻئي طرف اوهان جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪري رهيا هئا، اوهان کي ڪنهن اختيار ڏنو هو ته اوهان طالبان کي هتي آباد ڪريو اوهان قومي ايڪشن پلان کي روڪي ڇڏيو.

مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عطاءُالله تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪونسل جو منشور آهي ته ڪوبه غير مسلم انهن جي پارٽي جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي. تازي فيصلي ۾ تحريڪ انصاف کي بنا گهرندي ئي رليف ڏنو ويو. حڪومت ۽ اتحادي پارٽين سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نظرثاني ۾ اها استدعا ڪئي ويندي ته جنهن کي رليف ڏنو ويو آهي ڇا انهن رليف گهريو هو؟ هڪ سياسي پارٽي کي اهو حق ڏنو ويو جنهن  جو اها حق نٿي رکي اسان سمجهون ٿا ته نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون جن ايم اين ايز کي رليف ڏنو ويو آهي ڇا اهي عدليه جي سامهون موجود هئا، ڇا انهن اهو رليف گهريو هو جيڪو انهن کي ڏنو ويو آهي؟

اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل ذريعن کان فنڊنگ وٺندي آهي، 9 مئي تي ملڪي دفاع تي ذاتي مفاد لاءِ حملو ڪيو ويو پي ٽي آءِ جو پورو خاندان انهي حملي ۾ ملوث هو. پي ٽي آءِ باني جون ٽئي ڀينرون ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهر موجود هيون قوم کي چيو پئي ويو ته انقلاب اچڻ وارو آهي فوري طور تي پنهنجي پنهنجي لوڪيشن تي پهچو. پي ٽي آءِ باني تشدد جي سياست کي هٿي ڏني هنن ملڪ جي دفاعي ادارن کي نقصان پهچايو. پي ٽي آءِ حڪومت ئي طالبان کي واپس آندو.

وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف هي دهشتگردن کي آڻي پناهگاهون ڏئي رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته اهي ملڪ جي سالميت ۾ ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻئي طرف انهن جي ايڇ ڪيو ۽ ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪري نيشنل پلان کي ختم ڪيو، پرڏيهه ۾ ڪجهه لابيون پاڪستان جي سالميت خلاف سازشن ۾ مصروف آهن اهڙن ماڻهن جي خلاف حڪومت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان کان ٻاهر ويهي پابندي مڙهيل فنڊنگ وصول ڪري ملڪ جي خلاف مهم هلائيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته هي نيب چيئرمين کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن، پريشر وڌو پيو وڃي ته نيب توشه خانه جي ڪيسز کان پوئتي هٽي وڃي. هنن آءِ ايم ڊيل کي نقصان پهچايو. ملڪ کي ڊيفالٽ تي پهچايو ويو ۽ سائفر سان راند کيڏي وئي. هنن ملڪ دشمن طاقتن کي هٿي ڏني ۽ پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ پاڪستان جو نقصان ڪيو هنن جي خلاف قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔