ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس برآمد

ڪراچي: اسلام جي سربلندي لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙ شهداءِ ڪربلا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس برپا، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاهه ۾ ماتمي جلوس برآمد، ياحسين جون صدائون بلند ڀٽ شاهه ۽ سيوهڻ ۾ ستين محرم جا تاريخي جلوس برآمد، زنجيرن، چاقن ۽ گرزن سان عزاداري، عمرڪوٽ، مٺياڻي، جاتي ۽ ٻين علائقن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا ڪيون پيون وڃن ستين محرم الحرام جي آمد تي سڄي سنڌ ۾ سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ٿيل آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنس ۾ رينجرز ۽ پوليس طرفان گڏيل فليگ مارچ ڪيو ويو ڪراچي ۾ مهراڻ ڊيپو، دائود چورنگي، نيو سبزي منڊي، لياقت آباد، گلبرگ ۽ ٻين علائقن ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو ۾ فليگ مارچ ڪيا ويا خيرپور، نوشهرو فيروز، ٽنڊو آدم، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين شهرن ۾ به فليگ مارچ، امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽ رستن جو معائنو ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔