پيٽرول 7.67 روپيه مهانگو ٿيڻ جو امڪان، نئين قيمتن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد:  ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اڄ هڪ دفعو ٻيهر وڏي اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت کان پوءِ ناڻي واري وزارت اڄ رات نئين قيمت جو اعلان ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 7.67 روپيه في ليٽر وڏي اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.72 روپيه في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 2.73 روپيه في ليٽر اضافو ٿي سگهي ٿو.

پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جي تجويز به تيار ڪئي وئي آهي، حتمي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو.

ياد رهي ته 15 ڏينهن اڳ حڪومت طرفان پيٽرول جي في ليٽر قيمت 7 روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 روپين کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو هو انهي اضافي کان پوءِ پيٽرول جي نئين في ليٽر قيمت 265 روپيه 61 پئسن تي پهچي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔