نيب ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي، توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪرڻ جو امڪان

راولپنڊي: قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري جو امڪان آهي.

ذريعن موجب نيب طرفان بشريٰ بي بي طرفان انڪوائري ۾ تعاون نه ڪرڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون جي سربراهي ۾ نيب ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي ۽ نيب ٽيم گيٽ 5 کان اڊيالا جيل اندر رواني ٿي. ذريعن ٻڌايو ته نيب ٽيم طرفان توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي گرفتاري جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔