اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ ريلي دوران فائرنگ سبب زخمي

نيويارڪ: آمريڪا ۾ چونڊ مهم دوران ڊونلڊ ٽرمپ جي ريلي ۾ فائرنگ، اڳوڻو صدر معمولي زخمي، سيڪريٽ سروس جي عملدارن ٽرمپ کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو

 سڪيورٽي اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ  حملي آُور مارجي ويو، هڪ شڪي گرفتار، اڳوڻو امريڪي صدر پنسلوانيا جي شهر بٽلر ۾ ريلي کي خطاب ڪري رهيو هو ته کيس فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو، واقعي بابت امريڪي صدر کي بريفنگ  ڏني وئي

 جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ محفوظ آهي، امريڪي سماج ۾اهڙن واقعن جي گنجائش نه آهي

 ايف بي آءِ موجب ڊونلڊ ٽرمپ تي فائرنگ ڪندڙ شخص 20 ورهين جو مقامي نوجوان هو، جنهن جي سڃاڻپ ٿامس ميٿيو ڪرڪس جي نالي سان ٿي، حملي آور هڪ اوچي عمارت مان فائرنگ ڪئي، حملي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔