سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ آئين ٻيهر لکيو آهي جيڪو پارليامينٽ جو حق آهي: خواجه آصف

سيالڪوٽ: دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ آئين ٻيهر لکيو آهي جيڪو پارليامينٽ جو حق آهي.

دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو استحقاق آهي، سمورن ادارن جي ذميواريون آئين ۾ لکيل آهي، عدليه جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي.

هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته بطور سياستدان اسان کان تمام گهڻيون غلطيون ٿيون آهن، سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي فيصلي ۾ ٻيهر آئين لکيو آهي، فيصلي سان گڏ رليف به ڏنو ويو آهي.

خواجه آصف چيو ته عدالت ۾ پي ٽي آءِ نه پر سني اتحاد ڪائونسل آئي هئي، جيڪا درخواستگذار ئي نه هئي ان کي رليف ڏنو ويو، جنهن اليڪشن ڪميشن ۾ سني اتحاد ڪونسل حلف ناما جمع ڪرايا هئا اهي واپس نٿا ٿي سگهن، جڏهن ٻه ٻه حلف کڻندڙ اسيمبلي ۾ پهچي ويندا ته اسيمبلي جي ڪهڙي اوقات رهجي ويندي. پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان وڃائڻو پيو.

دفاع واري وزير چيو ته پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن سمورا ايگزيڪٽو ادارا آهن، اعليٰ عدليه سياسي معاملا سامهون رکي فيصلا نه پئي ڪري صورتحال سان وڏو پنڊورا باڪس کلي ويو آهي، قومي مستقبل لاءِ اها ڳالهه سٺي نه آهي، اسان هن وقت به پارليامينٽ ۾ 209 ميمبر آهيون، عدليه جو سياست ۾ مداخلت جو معاملو ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جو فيصلو سومر تي پارليامينٽ ۾ ڪيو ويندو، فيصلي ۾ ڪيتريون ئي آئيني شقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، فيصلي تي رد عمل اتحادين جي مشاورت کان پوءِ ڏينداسين، معاشري ۾ اڳ ئي تفرڪو پکڙيل آهي، معاشي حالتون اڳ ئي تمام گهڻيون خراب ٿي چڪيون آهن ان کي وڌيڪ خراب نٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔