آمريڪي صدر جو نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم کي فون، جمهوريت ۽ آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي ٽيليفون ڪري يوڪرين تڪرار تي تعاون ۽ ٻين معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي.

وائٽ هائوس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن سڄي دنيا ۾ جمهوريت آزادي جي حمايت ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

هوڏانهن برطانيه ۾ ليبر پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ تي روس پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته ليبر پارٽي جي کٽڻ کان پوءِ به برطانيه دشمن رياست ئي رهندي. ليبر پارٽي جي طرفان روس سان لاڳاپن ۾ بهتري جي ڪابه خواهش نظر نه پئي اچي.

ٻئي طرف عهدو سنڀاليندي ئي برطانيه جي نئين وزيراعظم پنهنجي ڪابينه ٺاهي ورتي ۽ ڪيترن ئي اهم عهدن تي عورتن کي مقرر ڪري ڇڏيو.

برطانوي ڄائي پاڪستاني عورت شبانه محمود کي انصاف وارو وزير، ريچل ريوز کي ناڻي وارو وزير مقرر ڪيو ويو. ريچل برطانيه جي پهرين ناڻي بابت عورت وزير هوندي.

يووويٽ ڪوپر گهرو وزير هوندو جڏهن ته اينجلا رائينر کي نائب وزيراعظم جو عهدو ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔