وزيراعظم شهباز شريف اڄ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اڄ 2 ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿيندو، دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم 3 کان 4 جولاءِ تائين قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو.

سربراهي اجلاس  ۾ وزيراعظم اهم علاقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي نقطن کان آگاهي ڏيندو. پاڪستاني وزيراعظم جي دوري ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ جهڙن معاملن، معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون.

شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيني ۽ روسي صدر سان ڌار ڌار اهم ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن جا علائقائي صورتحال تي اهم اثر پوندا.

اهي ملاقاتون آستانه ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او ڪونسل آف بيڊز آف اسٽيٽ(سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي ڪانفرنسن ۾ ٿينديون. ان موقعي تي وزيراعظم، پرڏيهي وزير، سينيٽر محمد اسحاق ڊار به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔