واهپيدارن جي آساني لاءِ واٽس ايپ جو نئون فيچر متعارف

واشنگٽن:ميٽا ميسيجنگ ايپ واٽس ايس تي پنهنجي واهپيدارن لاءِ مختلف فيچرز جي آزمائش ڪندو رهندو آهي. هاڻي واٽس ايپ جي بيٽا ورجن طرفان واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ هڪ نئون شارٽ ڪٽ متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو استعمال ڪندي وڊيو پيغام جو فوري طور آساني سان جواب ڏئي سگهجي ٿو. ڄاڻايل اپڊيٽ، واٽس ايپ جي اندر وڊيو رابطي کي آساني سان ٺاهڻ جو هڪ وڏو قدم ثابت ٿيندي. نئون شارٽ ڪٽ بٽڻ چيٽس وڊيو پيغام جي برابر رکيو ويندو، انهي بٽڻ کي دٻائڻ سان رڪارڊ کلي ويندو جنهن بعد رپلاءِ لاءِ وڊيو ٺاهي سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔