ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت

اسلام آباد: ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ وڌي 46 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ۾ گرمي جي لهر جاري آهي  جنهن جي نتيجي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سنڌ جي صحت کاتي موجب 30 جون ۽ 01 جولاءِ تي هيٽ اسٽروڪ سبب اهي 6 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. هيٽ اسٽروڪ سبب عباسي شهيد اسپتال ۾ 5 فوتگيون رپورٽ ٿيون. جڏهن ته ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته ڪراچي ۾ 21 کان 30 جون تائين هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ وڌي 45 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔