جي يو آءِ کان پوءِ عوامي نيشنل پارٽي به ملڪ ۾ نئين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پشاور: جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) کان پوءِ عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) به ملڪ ۾ نئين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ اي اين پي جي سيڪريٽري جنرل ميان افتخار چيو ته سموريون سياسي پارٽيون متفق آهن ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اهي چونڊون 2018 کان به وڌيڪ ڌانڌلي واريون هيون. اليڪشن ڪميشن ناڪام ٿي ويو، اسٽيبلشمينٽ چونڊن ۾ مداخلت ڪئي، جنهن کان پوءِ نتيجا سامهون آندا ويا.

ياد رهي ته جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ڳجها ادارا چونڊن کان پري رهن ۽ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪن.

هن چيو هو ته چونڊ نتيجا ڪنهن به قيمت تي اسان کي قبول نه آهن، چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت خلاف پنهنجي تحريڪ کي اڳيان  وڌائينداسين.

هن چيو هو ته مجلس شوريٰ سياسي پارٽين سان رابطي کي سياسي عمل قرار ڏنو، حڪومت ۾ ايترو دم نه آهي جو اهي اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪري سگهن. معاملو وڏو سنجيده آهي اهو مسئلو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي کي پرچائڻ جو نه پر هڪ مستقبل جو مسئلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔