ورلڊڪپ،ٽيم آف ٽورنامنٽ اعلان،آفريڪي ءٍ پاڪستاني رانديگر ٻاهر

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جي فائنل اليون ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڪو به رانديگر شامل ناهي، ڀارت جا 6، افغانستان جا 3 ۽ ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جو هڪ هڪ رانديگر فائنل اليون ۾ شامل ناهي.ڀارت جي روهت شرما کي ورلڊ ڪپ ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو ڪپتان بڻايو ويو آهي، ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو، هاردڪ پانڊيا، اڪشر پٽيل، جسپريت بمراه ۽ ارسديپ سنگهه به اسڪواڊ ۾ شامل آهن. ان کان علاوه افغانستان جو رحمان الله گربز، راشد خان، فضل الحق فاروقي، ويسٽ انڊيز جو نڪولس پورن ۽ آسٽريليا جو مارڪوس اسٽونز به ٽورنامينٽ جي ٽيم ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو اينروخ نورڪيا کي ٽيم جو ٻارهين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي. ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل کيڏندڙ انگلينڊ جي ٽيم به ٽورنامينٽ جي ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔