عدليه ۾ ايجنسين جي مداخلت روڪڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ 5 ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا

لاهور: عدليه ۾ مداخلت کي روڪڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ 5 ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدليه ۾ مداخلت تي لاهور هاءِ ڪورٽ وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس شاهد ڪريم عدليه ۾ مداخلت کي روڪڻ جي لاءِ 6 نڪتن تي ٻڌل ايس او پيز جاري ڪندي وزيراعظم آفيس کي چيو آهي ته آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ سميت سمورين سول ۽ ملٽري ايجنسين کي هدايت جاري ڪن ته اهي مستقبل ۾ اعليٰ عدليه ۽ ماتحت عدليه جي ڪنهن به جج يا ان جي عملي کي اپروچ نه ڪن.

عدالت چيو ته آءِ جي پنجاب به ماتحت آفيسرن کي عدليه ۾ مداخلت کان روڪڻ جون هدايتون جاري ڪن. دهشتگردي جي انت وارين عدالتن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪي به حفاظتي قدم کڻڻا آهن ته لاڳاپيل جج سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ کان سواءِ نه کنيا وڃن.

هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته اي ٽي سي جا ججز پنهنجي موبائل ۾ هر ڪال کي رڪارڊ ڪن. پنجاب جون دهشتگردي جون انت واريون خصوصي عدالتون 9 مئي جي سمورن ڪيسز جو ترجيحي بنيادن تي فيصلو ڪن.

عدالت هدايت ڪئي آهي ته اي ٽي سي جج سرگودها جي معاملي تي عدالتي عملو جاچ ۾ مڪمل تعاون ڪري ۽ جاچ آفيسر جاچ جي وڊيو رڪارڊ ڪري هاءِ ڪورٽ کي ڏئي.

جسٽس شاهد ڪريم 4 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي حنا حفيظ الله کي عدالتي مددگار مقرر ڪيو ۽ 8 جولاءِ تائين عمل ڪرائڻ جي رپورٽ به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔