ڪراچي: سنڌ حڪومت جر جي پاڻي جي استعمال تي به ميٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ زمين اندر بورنگ ۽ کوهه جي پاڻي جي استعمال تي به ميٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي عوام لاءِ لوڊشيڊنگ کان پوءِ هڪ ٻئي پريشاني سامهون اچي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جيان پاڻي جي لاءِ به ميٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته زمين مان پاڻي ڪڍڻ، استعمال ۽ وڪرو تي شهري حڪومت مانيٽرنگ ڪندي

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  لاڳاپيل فيصلو ڪارپوريشن، واپاري استعمال، بوٽلنگ پيڪجنگ، تعليمي اداري، هوٽل، ريسٽورينٽس، مينوفيڪچرنگ، پروسيسنگ سوسائٽيز ۽ ڪو آپريٽو سوسائٽيز تي به ٿيندو.

ميئر ڪراچي ٻڌايو ته سي او ٽيڊيپ زبير موتي والا صنعتي علائقن ۾ پاڻي جا ميٽرز نه لڳائڻ جي لاءِ فون ڪيو. ڪمرشل سيڪٽرز جي لاءِ زمين اندر پاڻي ڪڍڻ واري پاليسي تيار ڪئي وئي آهي ان سان ساليانو هڪ ارب روپيه آمدني جو امڪان آهي.

نوٽيفڪيشن موجب صرف انفرادي رهائشي گهرن تي زمين جي پاڻي جو استعمال مفت هوندو. صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي چوري روڪڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ميٽرز لڳائڻ جو عمل پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو. ان کان علاوه ڪراچي ڊويزن ۽ چوڌاري علائقن، رهائشي ڪمپليڪس، اپارٽمينٽس، فليٽس، هاءِ رائز بلڊنگس تي به فيصلو لاڳو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔