ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ڏکڻ آفريقا افغانستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

لنڊن: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريقا 9 وڪيٽن تان هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ افغانستان کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ڏکڻ آفريڪي بالرز جي سامهون افغانستان جي بيٽنگ لائن ناڪام ٿي وئي، ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ جي لاءِ صرف 57 رنسن جو حدف ڏنو ويو. ڏکڻ آفريقا گهربل حدف 1 وڪيٽ جي نقصان تي 8.4 اوورز ۾ ئي حاصل ڪري ورتو.

ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٽاس کٽڻ کان پوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي 11.5 اوورز ۾ افغانستان جي پوري ٽيم صرف 56 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريقا جي خلاف افغانستان جي بيٽنگ لائن ناڪام ٿي وئي ڪوبه رانديگر ڏکڻ آفريقي بالرز جو مقابلو نه ڪري سگهيو.

افغناستان طرفان صرف عظمت الله عمرزئي 10 رنسون ٺاهي سگهيو، رحمان الله گرباز، محمد نبي ۽ نور احمد ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. ابراهيم زدران 2، گلبدين نائب 9، ننگياليا خروٽي  2، ڪريم جنت 8، راشد خان 9 ۽ نوين الحق 2رنسون ٺاهي سگهيا.

ڏکڻ آفريقا طرفان مارڪو جانسن ۽ تبريز شمسي 3-3 جڏهن ته رباڊا ۽ ايٽرڪ نوڪيا 2-2- وڪيٽون حاصل ڪيون.

افغانستان جي خلاف اننگز اوپن ڪرڻ لاءِ ايندڙ ڏکڻ آفريقي بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.  ڏکڻ آفريقا جي ريزا بينڊرڪس 29 ۽ ڪپتان ايڊرن مارڪرم 23 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي فائنل ۾ پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. افغانستان طرفان اننگر جي واحد وڪيٽ فضل حق فاروقي حاصل ڪئي.

اڄ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٻيون سيمي فائنل ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ شام جو ساڍي ست وڳي پروويڊينس ۾ ٿيندو. ايونٽ جو فائنل ڇنڇر 29 جون تي برج ٽائون ۾ کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔