ڪراچي سخت گرمي هيٺ گرمي پد 39، شدت 50 ڊگري محسوس ٿيڻ لڳي

ڪراچي: ڪراچي شهر اڄ به سخت گرمي هيٺ آهي. ان حوالي سان چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل 2 ڏينهن کان هيٽ ويو جهڙي گرمي پئجي رهي آهي جنهن جو سلسلو اڄ به برقرار رهندو ۽ ان دوران گرمي پد 40 ۽ ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو.

هن ٻڌايو ته 26 جون کان گرمي پد ۾ گهٽتائي ايندي ۽ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 37 يا 38 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي پر موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جون جي آخري هفتي ۾ به گرمي جي شدت رهندي.

شهر ۾ گرمي  جو سبب ٻڌائيندي چيف ميٽرولوجسٽ چيو ته گذريل 3 ڏينهن کان پوندڙ گرمي سبب ڪراچي جي ڏکڻ، اوڀر ۾ انڊين گجرات ۽ ٻحيره عرب تي هوا جو دٻاءُ ڪافي گهٽ هو جنهن جي جي ڪري سامونڊي هوائون معطل رهيون ۽ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته ڪراچي ۾ 3 يا 4 جولاءِ کان چوماسي جي برساتن جو امڪان آهي.

سردار سرفراز وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن دوران گرمي پوڻ جو امڪان آهي. ڏکڻ پنجاب، بهکر، ڊي جي خان ۽ رحيم يار خان سميت ٻين علائقن ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 48 کان 50 ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو.

موسميات کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي شهر جو گرمي پد 39 ڊگري تائين پهچي ويو. هوا ۾ نمي جو تناسب 48 سيڪڙو آهي ۽ گرمي جي شدت 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔