حڪومت پهرين جولاءِ کان گيس جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: حڪومت پهرين جولاءِ کان گيس جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب حڪومت اوگرا طرفان ايندڙ بجيٽ سال جي لاءِ گيس جي قيمت 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي فيصلي جي موجودگي ۾ پهرين جولاءِ 2024 کان گيس جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

حڪومت پهرين جولاِ 2024 کان ڪيپٽيو پاور پلانٽس جي گيس جي قيمتن ۾ 250 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ڪندي ۽ 700 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو جي اضافي بقايا پهرين جنوري 2025 کان لاڳو ڪئي ويندي.

رپورٽ موجب حڪومت سي پي پيز کان علاوه ٻين سمورين ڪيٽيگريز جي لاءِ گيس جون قيمتون موجوده سطح تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح حڪومت کي ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهربل محصولات جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ 110-115 ارب روپيه اضافي محصول جي طور تي متوقع آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔