جيڪب آباد ۾ عدالت تي پيشي لاءِ ويندڙن مٿان حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا

جيڪب آباد ۾ عدالت تي پيشي لاءِ ويندڙن تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

 سٽي ٿاڻي جي حد ۾ پيٽرول پمپ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پهوڙ برادري سان تعلق رکندڙ  2 ڄڻا منير ۽ حيات پهوڙ ٿڏي تي مارجي ويا

زخمي ٿيل نصير پهوڙ کي لاڙڪاڻي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏنو، مرڻ کان اڳ نصير پهوڙ بيان ۾ چيو ته جوابدارن بابو، ذڪريا ۽ ڪبير حملو ڪيو

نصير پهوڙ جو مرڻ کان اڳ واري بيان ۾ چوڻ هو ته حملي ۾ منهنجو چاچو ۽ سئوٽ مارجي ويا آهن

 پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، 2018 ۾ مقتولن جي ڌر پاران شهمير نالي همراهه کي قتل ڪيو ويو هو، واقعو پلاند واري ڪارروائي جو نتيجو لڳي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔