سنڌ ۾ گجگوڙ سان طوفاني وسڪارو، ڪيترائي شهر ٻڏي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ گجگوڙ سان  طوفاني  وسڪاري ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيا، لاڙڪاڻي جي سول اسپتال سميت اهم روڊ رستا ۽ علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

اڄ کان 25 جون تائين حيدرآباد ڊويزن، ميرپورخاص ڊويزن، شھيد بينظيرآباد، نوابشاهه ڊويزن، سکر ڊويزن، لاڙڪاڻو ڊويزن سميت سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ جبل ۾ برسات جو سلسلو جاري رھڻ جو امڪان آهي.

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ رڪارڊ ٿيل برسات ۾ لاڙڪـاڻـو 42 ملي ميٽر، سکـر 41 ملي ميٽر، روھـڙي 27 ملي ميٽر، مـوئن جو دڙو 26، خيرپور 23 ملي ميٽر، جيڪب آباد 16 ملي ميٽر بـرسات رڪـارڊ ڪئـي وئـي آهي.

شڪارپور، خيرپور، قمبر ۽ ٺٽي ۾ به وسڪارو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڄام صاحب ۽ ٺڪراٺو  ۾ هلڪي برسات، سٺ ميل، ڪنڌرا، ڪنب، ٺري ميرواهه، پير وسڻ، فيض گنج، ڪوٽڏيجي ۽ درياخان مري ۾ به وسڪارو پيو.

هڱورجا، اڪري چودڳي، واهي پانڌي ۽ کهڙا ۾ به برسات، پيرڳوٺ، ٺل، همايون، راڻيپور ۽ ميان صاحب ۾ به موسم جل ٿل، پکو، گاجي کهاوڙ، نصيرآباد، نئون ڳوٺ، پيارو اسٽيشن، ڳيريلو، مديجي، ڏوڪري، مبارڪپور ۽ باڊهه ۾ به برسات پئي.

سوڀوديرو جي ڳوٺ غلام محمد بهليم ۾ طوفاني برسات دوران کجيءَ جو وڻ ڪرڻ سبب عورت بختاور ڄامڙو دٻجي فوت، طوفاني وسڪارن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنز ۾ بجليءَ جا 212 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا، بجليءَ جو بدترين بحران جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔