اوٻاسي ڏيڻ تي ٻئي ماڻهو کي اوٻاسي ڇو ايندي آهي؟

جڏهن ڪو فرد اوٻاسي ڏيندو آهي ته ڀرسان ويٺل گھڻا ماڻهو ٿوري دير بعد ان جو ساٿ ڏيڻ لڳندا آهن.
ڇا اوهان غور ڪيو آهي ته جڏهن اوهان ٻين ماڻهن کي ائين ڪندي ڏسندا آهيو ته اوهان کي به بنا ڪنهن ارادي جي اوٻاسي اچي ويندي آهي.
نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته اوٻاسي حقيقت ۾ وچڙندڙ يعني هڪ کان ٻئي کي لڳندڙ آهي ۽ اهو مڪمل طور تي نارمل رفليڪشن آهي.
اوٻاسي وچڙندڙ ڇو آهي؟
جڏهن اسان ڪڏهن ٻئي کي اوٻاسي ڏيندي ڏسندا آهيو ته اسان به ان جو سان گڏ سستي جو شڪار ٿيڻ لڳندا آهيون. ٻڌايو ويو آهي ته جيئن جيئن انسان جي عمر وڌندي آهي ته ان جي نفسياتي اعصابي واڌ ويجهه ۾ به اضافو ٿيندو آهي ۽ ائين اسان ٻين ماڻهن کي اوٻاسي جو اشارو ڏيندا آهيو ته انهن کي به اوٻاسي ڏيڻ گھرجي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي وچڙڻ پٺيان درست سائس هڪ اهڙي شيءَ آهي جنهن کان سائنسدان هيل تائين معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
همدردي جو جذبو
اوٻاسي رڳو هن وقت وچڙندي آهي جڏهن اوهان جو دماغ مڪمل طور تي ترقي ڪري چڪو هجي. ”ذهني طور صحتمند بالغن جي طور تي اسان جي نفسياتي واڌ ويجهه ٻين جيان جهنجهلائڻ تي مجبور ڪندي آهي. پر صحيح ذهني واڌ ويجهه کان محروم ماڻهن ۾ اوٻاسي جو وچڙندڙ اثر نظر ناهي ايندو.
ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوٻاسي ذهانت جي عڪاسي ڪندي آهي ماهرن موجب شيزوفرينيا يا آٽزم جهڙين حالتن ۾ مبتلا ٻار ۽ بالغ رڳو ان وقت اوٻاسي ڏيندا آهن جڏهن اهي ٿڪيل هوندا آهن پر اوهان مڪمل طور تي ترقي يافتا دماغ جا مالڪ آهيو ته اوهان رڳو انهن مان کان اوٻاسي وٺندا آهيو ته جن اوهان پرواهه ڪندا آهيو انهن ماڻهن مان نه جن کي اوهان نٿا سڃاڻو.
ماهرن جو چوڻ هو ته مثال جي طور تي جيڪڏهن خاندان جو ڪو فرد اوٻاسي ڏيندو ته ڪنهن اجنبي جي ڀيٽ ۾ اوهان پهريان اوٻاسي ڏيندئو، ان جو سبب اهو آهي جو اسان جي دماغ ۾ هڪ همدرداڻو واسطو هوندو آهي جنهن جي ڪري اسان ان شخص سان همدردي رکندا آهيون جيڪو گھڻيون اوٻاسيون ڏيندو آهي ۽ غير ارادري طور تي ان جي عملن جي عڪاسي ڪرڻ چاهيندا آهيون.
اوٻاسي جي پٺيان جي سائنس اڃا تائين پوري طرح سمجهه ۾ ناهي آئي ۽ سائنسدانن اوٻاسي جي سبب بابت مڪمل طور تي يقين نٿا رکن پر اهو پراسرار ردعمل ان وقت اڃا به دلچسپ ٿي ويندو آهي جڏهن اها خبر پوندي آهي ته اوهان جي اوٻاسي ٻين ماڻهن کي متاثر ڪري سگھي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔