بجيٽ تي بحث لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، اپوزيشن طرفان احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد: بجيٽ تي بحث لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

عيدالاضحيٰ جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جو 2 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت اڄ کان بجيٽ تي بحث جي شروعات ٿيندي. موجوده اجلاس ۾ فنانس بل منظوري لاءِ پيش ٿيندو.

اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندو. اپوزيشن بجيٽ منظوري جي دوران احتجاج ۽ هنگامو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب بجيٽ تي بحث هڪ هفتي تائين جاري رهندو. ڇنڇر ۽ آچر تي به اجلاس جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. حڪومت 28 جون تي قومي اسيمبلي مان بجيٽ منظور ڪرائيندي. حڪومتي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي بجيٽ منظوري تائين تڪن ۾ نه وڃڻ جو چيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔