زرتاج گل قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪونسل جي پارلياماني اڳواڻ مقرر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل کي قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪونسل جي پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ باني عمران خان زرتاج گل جي بطور پارلياماني اڳواڻ مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ لاءِ چار نالا تجويز ڪيا هئا. پارلياماني اڳواڻ لاءِ زرتاج گل، صاحبزاده محبوب سلطان، زين قريشي ۽ احمد چٺه جو نالو تجويز ڪيو ويو هو.

ذريعن موجب سني اتحاد ڪونسل جو سربراهه سومر تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ زرتاج گل کي باقاعده نامزدگي جي باري ۾ آگاهه ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔