سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڄ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان

ڪراچي: سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڄ به گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ ۽ پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ گرمي پد 45 کان 50 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ جيڪب آباد، سکر ، نوابشاهه ۽ ٻين علائقن ۾ ۽ پنجاب ۾ بهاولپور، رحيم يار خان، ڊيرا غازي خان ۽ ملتان ۾ سخت گرمي جي لهر ٿي سگهي ٿي.هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن خانپور ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ، رحيم يار خان، ڀکر ۾ 49 ۽ ڪوٽ ادو ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.پي ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالهه لاهور سميت ميداني علائقن ۾ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔