ڪراچي ۾ اڄ کان پهرين جون تائين سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ کان پهرين جون تائين شهر ۾ سخت گرمي ۽ گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، اڄ کان پهرين جون تائين شهر ۾ گرمي جي لهر پوڻ جو امڪان آهي پر ان دوران تيز هوائون به هلنديون

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، اربع تي گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، خميس تي به موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. پارو 41 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ گرمي پد 42 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔