بحاليءَ ۾ ٿوري دير ٿي ، هاڻي مان تيار آهيان، مچل مارش

ميلبورين : آسٽريلوي ٽي 20 ٽيم جي ڪپتان مچل مارش چيو آهي ته رڪوري ٿوري سست ٿي آهي هاڻي تيار آهيان، ٽورنامينٽ ۾ کيڏڻ جو منتظر آهيان ٽريننگ سيشن جي موقعي تي ڳالهائيندي مچل مارش چيو ته اميد هئي ته هو ٽن هفتن اندر فٽ ٿي ويندو پر ان ۾ وڌيڪ وقت لڳو.مچل مارش جو چوڻ آهي ته جڏهن مان آءِ پي ايل مان ٻاهر ٿيس ته مون وٽ ڪافي وقت هو ته مڪمل صحتياب ٿي سگهان.هن اهو به چيو ته جلد بالنگ شروع ڪندس، وارم اپ ميچ ۾ بيٽنگ ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔