گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت

لاهور: گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.موسميات کاتي موجب اڄ به ملڪ جا مختلف ميداني علائقا سخت گرمي جي لهر هيٺ رهندا. جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.لاهور ۾ سخت گرمي کان پوءِ رات جو تيز طوفان سان برسات شروع ٿي جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل ٿي وئي. جڏهن ته گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف گذريل ڏينهن موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. خيرپور، جيڪب آباد ۾ 50، لارڪاڻو، سکر، دادو ۾ 49، رحيم يار خان پڊعيدن، سبي، ڊي جي خان ۾ 48، نوابشاهه، بهاوالنگر، ڪوٽ ادو لسبيله، مٺي 47، ملتان بهاولپور 46، لاهور 43، پشاور، مظفر آباد 41، اسلام آباد 41، ڪراچي 37، ڪوئٽه 35 ۽ گلگت ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔