پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ هٿان پاڪستاني وومين ٽيم کي شڪست

لاهور :انگلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان وومين ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 37 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ميچ ۾ انگلينڊ وومين 9 وڪيٽن جي نقصان تي 243 رنسون ٺاهيون، ايلس ڪيپسي 44 رنسون، ايمي جونز 37 ۽ ٽامي بيمونٽ 33 رنسون ٺاهيون.پاڪستان طرفان ندا ڊار 3، عاليا رياض، ناصره سنڌو ۽ ام هاني 2-2 وڪيٽون ورتيون.هدف جي تعاقب ۾ قومي وومين ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون، منيبا علي 34، صدف شمس 28، ندا ڊار 26 ۽ ناجيه علوي 26 رنسون ٺاهيون.انگلينڊ طرفان ايڪليسٽون 3، چارلي ڊين، لارين بيل ۽ ڪيٽ ڪراس 2-2 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.واضح رهي ته ٽن ميچن تي مشتمل سيريز ۾ انگلينڊ کي هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔