آءِ ايم ايف معاهدو ۽ سيڙپڪاري ۾ اڳڀرائي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي

ڪراچي : آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جي معاهدي تي اڳڀرائي ۽ امارات طرفان 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي خبرن تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.ڪاروبار دوران 750 پوائنٽس کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 773 پوائنٽن جي واڌ سان 75 هزار 888 تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران انڊيڪس 75 هزار 903 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي به پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 75 هزار 114 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔