شان شاهد پاران نئين فلم پيش ڪرڻ جو اشارو

لاهور : پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار شان شاهد جلد نئين فلم پيش ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ فلم جو نالو به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.شان شاهد جو هڪ وڊيو ڪلپ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ايندڙ فلمن بابت ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي.وائرل ٿيل ڪلپ ۾ اداڪار کي اهو ٻڌائيندي ٻڌو پيو وڃي ته هن پنهنجي 2 فلمن مان هڪ جو اسڪرپٽ مڪمل ڪري ورتو آهي، هڪ ايڪشن ٿرلر جو نالو ريڊ وائيٽ گرين آهي، جنهن جي شوٽنگ جلد شروع ڪئي ويندي.اداڪار چيو هو ته ”ريڊ، وائيٽ اينڊ گرين“ جي ڪهاڻي آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي هڪ ايجنٽ ۽ پاڪستاني ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ جي هڪ ايجنٽ جي چوڌاري گهمي رهي آهي، پر هن وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔