حڪومت طرفان ڪرغزستان معاملي تي جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان

ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن تي حملو ڇو ۽ ڪنهن ڪيو؟ وفاقي سرڪار معاملي جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جاچ ڪميٽي ٻن هفتن ۾ انڪوائري مڪمل ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي

 اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم اها انڪوائري ڪميٽي منهنجي سربراهي ۾ جوڙي آهي، ڪرغز هم منصب ملاقات دوران ٻڌايو ته واقعي کان ڪجهه ڏينهن اڳ مقامي ماڻهن ۽ هاسٽل جي پرڏيهي شاگردن ۾ جهيڙو ٿيو هو

 ڪرغز نائب وزيراعظم ٻڌايو ته اسان جي صدر چيو آهي ته آئنده اهڙا واقعا برداشت نه ڪيا ويندا، ڪرغز نائب وزيراعظم پاڪستاني شاگردن جي تحفظ ۽ حالتون نارمل ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔