اسرائيل رفح کي قبرستان بنائڻ چاهي ٿو، ايم ايس ايف

غزه: فرانس جي امدادي اداري ’ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز‘ يعني ايم ايس ايف جي سربراهه ايورل بينوئٽ چيو آهي ته اسرائيل رفح کي قبرستان بنائن چاهي ٿو. هن ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مصري سرحد لڳ واقع غزا جي علائقي رفح جي سوڙهي پٽي ۾ 15 لک فلسطيني پناهگير رهائش پذير آهن ۽ انهن تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو رفح ۾ زميني حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن تي آمريڪا هٿيارن جي کيپ روڪي ڇڏي آهي ۽ چين به سخت ڳڻتي طاهر ڪئي آهي. ايورل بينئوٽ وڌيڪ چيو آهي ته غزا ۾ اسرائيلي حملن سبب 72 سيڪڙو عمارتون تباهه ٿي ويون آهن ۽ ڏڪار جهڙي صورتحال کي منهن ڏيندڙ فلسطينين تي جيڪڏهن رفح ۾ به حملا جاري رهيا ته ان سان تمام وڏي انساني تباهي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔