مخصوص سيٽن تي ڪامياب 76 اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ مخصوص سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 76 ميمبرن جي رڪنيت اڄ معطل ٿيڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي تي مشاورت مڪمل ڪري ورتي جنهن کان پوءِ اڄ باقاعده فيصلو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

ذريعن ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندو. قومي اسيمبلي جي 23 جڏهن ته صوبائي اسيمبلين جي 53 ميمبرن جي رڪنيت معطل ٿيندي.

ياد رهي ته 6 مئي تي سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي ۽ مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔