پنجاب حڪومت پاران وري4 ڏينهن مارڪيٽون۽ بازار کولڻ تي غور

لاهور: پنجاب حڪومت هڪ دفعو ٻيهر 4 ڏينهن جي لاءِ مارڪيٽون، شاپنگ مالز ۽ بازارون کولڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.ڇنڇر جا 3 ڏينهن جمعو، ڇنڇر آچر تي ڪاروبار بند رکڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ڪابينه جي سب ڪميٽي جي اجلاس جو اڄ امڪان آهي.اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺي آئنده جي لاءِ تجويز تي حتمي فيصلو ٿيندو. واپار واري وزير ميان اسلم اقبال چيو آهي ته عيد گذري وئي هاڻ ايس او پيز تي سختي سان مانيٽرنگ ٿيندي.جيڪي مارڪيٽون ايس او پيز تي عمل نه ڪنديون ان کي بند ڪرايو ويندو. مارڪيٽن مان حد دخلين جو خاتمو ڪرڻو پوندو. مارڪيٽن کي اجازت حددخلين جي خاتمي سان مشروط هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔