ماڪڙ جون تباهيون: آبادگارن کي 50 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي وزيرفخر امام چيو آهي ته ماڪڙ جي حملن سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ڀاڻ سميت ٻين شين تي 50 ارب روپين جي سبسڊي ڏينداسين.هن ٻارن جي تحفظ واري بيورو ۾ معصوم ٻارن ۾ تحفا ورهائڻ واري موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جو چيلنج آهي. ماڪڙ جو مسئلو به ڪر کڻي رهيو آهي. ماڪڙ 28 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ داخل ٿي آهي ۽ روزاني 170 ڪلو ميٽر سفر ڪندي آهي.قومي ايڪشن پلان تحت ان جي خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. زراعت کاتو، ڊپٽي ڪمشنر ۽ پاڪ فوج جا جوان ان جو مقابلو ڪري رهيا آهن.فخر امام چيو ته جون ۾ ماڪڙ ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿي. جهازن جي ذريعي ان جو خاتمو ڪنداسين. پلانٽ پروٽيڪشن وٽ 1990 ۾ 20 جهاز هئا. هن وقت 2 جهاز آهن، جنهن مان هڪ ڪري تباهه ٿي ويو آهي. وڌيڪ 5 جهاز گهرائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ماهرن جي به کوٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔