ڪچري جي ڍير تان مليل سون ۽ ڊالرن سان ڀريل ٿيلهو ايراني شهري مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيو

تهران:  هڪ ايراني شهري جنهن کي روڊ جي ڪناري تي ڪچري جي ڍير تان سون ۽ ڊالرن سان ڀريل ٿيلهو مليو جنهن کان پوءِ هن ٿيلهي کي مالڪ کي واپس ڪري شاندار مثال قائم ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب 52 ورهين جي نامعلوم شهري جيڪو ايراني شهر علي گودرز جو رهواسي آهي ٻڌايو ته منهنجي والدين مون کي ننڍپڻ کان سيکاريو هو ته جڏهن به ڪابه شيءَ پيل ملي ان کي پاڻ وٽ نه رکڻ گهرجي پر ان کي مالڪ کي واپس ڪرڻ گهرجي

شهري ٻڌايو ته مون کي اهو ٿيلهو روڊ جي ڪناري تي ڪچري جي ڍير تان مليو، انهي ٿيلهي جي اندر سون ۽ ڊالرز موجود هئا جنهن جي قيمت 20 ارب ريال ٻڌائي وئي آهي.

مون اهو سون ۽ ڊالرن سان ڀريل ٿيلهو ڪجهه ڏينهن تائين پاڻ وٽ رکيو ۽ مالڪ جي ڳولا ڪئي ڇو ته مون کي خدا جو خوف هو. شهري وڌيڪ چيو ته ٿيلهي ۾ هڪ بينڪ ڪارڊ به هو جنهن جي ذريعي مان مالڪ کي ڳولا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس، اهو ٿيلهو 50 سالن جي هڪ عورت جو هو جنهن کي سندس پوٽي ڪچري جو ٿيلهو سمجهي اڇلي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔